Sindhi Poetry Best Collection for WhatsApp 2020-2021

Sindhi poetry 2020-2021:- is the best collection of status. If you are really interested in Sindhi poetry then here you are the right place because we are sharing you with the best collection of Sindhi poetry 2020-2021 in Sindhi text and images.

as new Sindhi poetry collection 2020-2021, best Sindhi poetry collection 2020-2021, famous Sindhi poetry collection 2020-2021, popular Sindhi poetry collection, Sindhi poetry SMS, Sindhi poetry on Sindh, Sindhi Shayari images, Sindhi, Sindhi poetry in English, Sufi poetry, Sindhi heart touching poetry, Sindhi attitude poetry, Sindhi poetry status, Sindhi poetry WhatsApp group link, Sindhi poetry for friends, Sindhi poetry images and much more as your own wishes so here you can download Sindhi poetry 2020-2021!

 

او کجين جي شهر واري ڇوڪري
ڇا خبر توکي حياتي تو سوا
اڻ ڇُهيا ڪي خواب رستن تان کڻي
اڻ ڏٺي ڪنهن ماڳ ڏي جهاڳي پئي
ها صدين جا گهاءَ سيني ۾ رکي
ٻاٽ ۾ تنهن لاٽ لئه تانگهي پئي
جا وٺي تنهن راهه تي آڻي وري
جِت ملڻ پنهنجو بڻيو اتفاق پر
ٽهڪ، مرڪون، لڙڪ، دڙڪا، محبتون
اڻ ڇهيون اڏندڙ چميون احساس جون
چاهه جا آڇيا گلابي گيت ها
۽ هوائن جا سنيها بي خبر
رات جي آغوش ۾ ها ديپ ڄڻ
ساهه جي ڪنهن تار ۾ سنگيت ڄڻ
منتظر من تو پسڻ جي جستجو
همسفر باندي چتائون آس جون
گڏ جليون مونسان هلي هر موڙ تي
موت کان اڳ شل مٺي! توکي پسان
مُک ڀري ٻڪ ۾ حَسين چهرو چمان
لڙڪ تنهنجا مان ڪري امرت پيئان
پر مٺي! خود کي هوا جهونڪو نه چئه
ساهه ڪوسا، سرد موسم سار ڪجهه
رات ننڍڙي، اڻ ڳڻيون ڳالهيون ڊگهيون
گڏ سنڌوءَ سان نانءُ پنهنجو وار ڪجهه
آ قسم توکي حَسين تنهن رات جو
آرزو هي آخري آ، اچ وري
مان اياڻو تون مسيحا، جَل پري
او کَجِين جي شهر واري ڇوڪري
او کَجِين جي شهر واري ڇوڪري

 

 

اوهان ۽ اسان، ڪاغذ جو رشتو
وساريو متان، ڪاغذ جو رشتو

اڌوري ڪهاڻيءَ جا ڪردار ٿيا هون
شروع ٿيو جتان، ڪاغذ جو رشتو

وري اجنبيءَ جو ڪاغذ مليو
لکيل هو مٿان، ڪاغذ جو رشتو

صدين جي مسافت ناهي دوري
رڳو ٿئي عيان، ڪاغذ جو رشتو

ڏنو نانءُ جيون منهنجي کي تو
کِلي پيار مان، “ڪاغذ جو رشتو

نه ملندي، ملڻ ڀي آهه ڏيندو
ڪڏهن ڀي ڪٿان، ڪاغذ جو رشتو

نه ويساهه ‘ساجد’ رشتي ٻئي تي
رکيو يار سان، ڪاغذ جو رشتو

منهنجو من ۽ ماس
کائي ويئي مُفلسي

دل جوڙيو هو پيار سان
سپنن جو آڪاس
کائي ويئي مُفلسي

ڏانئڻ وانگر آ لڪي
خوشين جو انناس
کائي ويئي مُفلسي

تنهنجي دنيا ۾ خدا
جيئڻ جو احساس
کائي ويئي مُفلسي

مرڪون منهنجون مرڪندڙ
ڄڻ ڪو ٿي راڪاس
کائي ويئي مُفلسي

مهڪيل جوڀن جو رضا
سُرهو سُرهو واس
کائي ويئي مُفلسي

 

آءُ! ستارن تي
نغما ڳايون نينهن جا

جيڪر ساري زندگي
دل جي چارن تي
نغما ڳايون نينهن جا

دل چاهي ٿي هيج جي
رنگ نيارن تي
نغما ڳايون نينهن جا

ڇيريون پائي عشق جون
ڍول! نغارن تي
نغما ڳايون نينهن جا

آءُ ڳجهارت وانگيان
مام اشارن تي
نغما ڳايون نينهن جا

ڀاڪر ۾ مخمور ٿي
سمنڊ ڪنارن تي
نغما ڳايون نينهن جا

 

موهه جي ميندي هڻي
روح ٿا لائون لهن
پيار جي آڪاس تي

هل! هلي گڏجي ڏسئون
ڪيئن ٿا جهرڻا وهن
پيار جي آڪاس تي

ٿي ستارا ٿا وڃن
جي اڏي گهر ٿا رهن
پيار جي آڪاس تي

ڪُپتن جا پيشوا
ڪو نه ٿا سچ ۾ ٺهن
پيار جي آڪاس تي

مارِيا ويندا پکي
روز ڇو مخمور! هن؟
پيار جي آڪاس تي

 

sindhi poetry

دل جا کولي پَرَ
اُڏندسُ نئين انداز سان

ٽوڙي پڃرو چُهنب سان
ڏيکاري جوهرَ
اُڏندسُ نئين انداز سان

ڏسجان توکان ڀي مٿي
نازن سان امبرَ
اُڏندسُ نئين انداز سان

بسمل ڪر ڀل هيل اي
گهاءَ سبي ٻيهرَ
اُڏندسُ نئين انداز سان

وحشت کي ڏئي مات مان
تو جيئن قلندرَ
اُڏندسُ نئين انداز سان

پائي پرڙا پيار جا
خوابن لئه دلبرَ
اُڏندسُ نئين انداز سان

 

 

گلابي بدن تي، ادا ڪا رهي ٿي

 اسان جي چپن تي، صدا ڪا رهي ٿي

اوهان زلف پنهنجا، کليل ئي رهڻ ڏيو

اسان جي مٿان ڄڻ، گهٽا ڪا رهي ٿي

جو نظر کي، گهاءُ تازو ٿو لڳي

سو اندر کي، گهاءُ تازو ٿو لڳي.

تو سوا ڪهڙا، پرين ڏينهن راتيون

هر پهر کي، گهاءُ تازو ٿو لڳي

ديد هڪڙي، ٻکي دل سان

مون به چمي، رکي دل سان.

نيڻ جرڪي، پون پنهنجا،

چاهِه اهڙو، سکي دل سان

پاڻ سمجهون ٿا بدن جي خاموشي

ڪو ته سمجهي هي چپن جي خاموشي

سونهن منهنجي ساهه منهنجو سي پنڇي

ڳولهي ٿي سي چمن جي خاموشي

خواب سارا ٽٽا، جاڳ نيڻن چمي

عشق جي آ جڏهن، تات مون تي لٿي

. تون جو وڇڙي وئي آن جڏهن کان مٺي

 ڄڻ ته ڳوڙهن جي برسات مون تي لٿي

تو مٺي کان دور ٿيندو ٿو وڃان

عاشقي کان دور ٿيندو ٿو وڃان

دوست ٿا هاڻي مفادن لئه ملن

دوستي کان دور ٿيندو ٿو وڃان

روح جون رنگينيون رهجي ويون

دل ٽٽي جو سڀ خوشيون رهجي ويون

تو ڇنو جي ساٿ منهنجو او مٺي

دلبريون ۽ عاشقيون رهجي ويون

عشق جي آرسي جو ٽٽي اوچتو

بي چسي ٿي وئي زندگي اوچتو.

هِن چيو هُن چيو عشق هو ٿي ويو

روح ۾ ٿي وئي، روشني اوچتو

پيار ويندڙ مسافر کي ايڏو نه ڏي۱
کوڙ صدما ڏنئي، هي ته صدمو نه ڏي
ڇڏ ته شوخي جي ڪنڊن مان گذري وڃان
مرڪي مرڪي چنبيلي جو لوڙهو نه ڏي

اڙي! اڙي! ترس ترس\

ڪنهن کي مٽائين ٿو بي خبر

نظر ڪر

” ايــــــاز “ آ شاعـــرِ محبـــــت ، اڙي زمـــانا ، اڙي زمانا

مثالِ سيلاب وقت گذري

، لُٽي ڇڏيو قصرِ عاشقيءَ کي

ڪٿي جبينون جھڪيون آلائي

جٿي هيو سنگِ آستانا

ڪڏهن ڪڏهن مؤج مَيءِ

مان اُڀري خودي وري غرقِ جام ٿي وئي
ڪـــــنـدو رهـيو ســـاحــلِ

تمنا سوين اشارا ، سوين بهانا

اسان جو چاهيو ته روح

تنهنجو چپن مان چُوسي وٺون ته ساقي
گهڙي نه گذري خلاف

پنهنجي ٿيا سمورا شراب خـــــــانا

پيار ويندڙ مسافر کي ايڏو نه ڏي

۱ کوڙ صدما ڏنئي، هي ته صدمو نه ڏي

ڇڏ ته شوخي جي ڪنڊن مان گذري وڃان

مرڪي مرڪي چنبيلي جو لوڙهو نه ڏي

تون غمن ۾ نه مل پر خوشين م ته آ

منهنجو دردن سان تنهنجو وڃي به ته ڇا

مان مان اڪيلو اڪيلو روئي ٿو سگهان

پر اڪيلو کلڻ منهنجي وس ۾ ناهي

لائي ته ڇا ڇا وڃائي وڃائي

سڄي زندگي ئي وڃائي ڇڏسين

طبيعت رتو ڇاڻ مچ ۾ نچائي

چون ٿا محبت مچائي ڇڏئسن

قــدم قــدم تــي هـجـومِ زنـــدان

، نــظـر نظر ۾ شراب خانا ڪـــري ويــ

و ڪــير بــارشِ مَيءِ ، خمار آلود ٿيا زمانا

اسان ڀي ته ان جي عبادت ڪئي آ

ڏئي سر به پنهنجو سخاوت ڪئي

 ڀلي هو به سوچي اسان لئه بي پرواهه

اسان ڪيڏو ان جي عطاقت ڪئي آ

سحرا جي آب ۾ عڪس تنهنجو هيو

منهنجي هر خواب ۾ عڪس تنهنجو هيو

توکي سامهون ڏسي چنڊ ڀي ٿو جهڪي

عشق جي باب ۾ عڪس تنهنجو هيو

شام وارا به آثار موٽي ويا

تنهنجا سارا ڏنل وار موٽي ويا

تو نه سوچيو هوندو منهنجي جيون جي لئه

تڏهن تنهنجا ڏنل وار موٽي ويا

محل ڪڏهن آ بر ٿي ويندو

سنسان ڪنهنجو گهر ٿي ويندو

ڏيئا ٽم ٽم ٻرندا وسندا

اونداهو منظر ٿي ويندو

بزم ۾ اسان کي وساري ويا ڇو

اسان جي خوشين کي ٻهاري ويا

ڇو هليا ويا ته سڀ جام خالي ڪري ويا

نه هڪ ڍڪ اسان کي پيئاري ويا ڇو

تون چنڊ چڪور جيان مون چاهه ڪري ڳوليو

ڪيئن پيار تنهنجي تي ڏس ويساهه ڪري ڳوليو

هر شئي مون ڇڏي تولئه مجنون ٿي ويم سهڻا

مون ته توکي جيئڻ جو اتساهه ڪري ڳوليو

وري رات آئي ته خيال هئي
قسم آ خدا جو بي مثال هئي

چنڊ کي تڪيندو رهيس هر هر
ها مون لئه بڻيل ڪو سوال هئي

جيءَ پنهنجو اجاري ڇڏيون ته بهتر آ
پنهنجو پاڻ وساري ڇڏيون ته بهتر آ

ڏک جي سامهون ٿي جي نٿا سگهون
نيهن پنهنجو پچاري ڇڏيون ته بهتر آ

هڪ پل جو ناهي پرين پيار تو سان

ڪهڙو ڪيان ٻيو اقرار تو سان

اچ گڏجي گهاريون ڪجهه ڏينهن پيارا

متان ڪري نه سگهان اظهار تو سان

مون لئه هن شام جي تون باد صبا هجين
بهارن ۾ نئين آيل ڪا فضا هجين

جڳ سارو ڳولي ڪيم توکي سجدو
متان يار منهنجي دل جو خدا هجين

Final Word

Guys We know that you will like our best collection above. Now is the end of the article, please, if you have any questions asked in the comments section, we will reply you quickly. Thank you

Tags: #Sindhi Poetry, #Sindhi Sad Poetry Pics, Sindhi Poetry Pics, #Sindhi Love Poetry